شيخ اياز جي مختصر ڪهاڻي ’کلڻي‘جي ’زمان و مڪان‘ جو جائزو
(An Analysis of the Setting in Short Story `Khilini` by Sheikh Ayaz)

رضا علي قاضي
Abstract:

Short Story is a prosaic genre which has been adopted in Sindhi literature from English literature. In a short story, realities are produced in a fictional way. Technically, there are five main elements of a short story. These are Setting, Characterization, Plot, Theme and Point of View. All elements play very important role in construction of a short story. The setting is considered very important of these elements of a short story. Setting describes the time and place of the story.
Sheikh Ayaz is a prestigious writer among the first Short Story writers in Sindhi literature. Twenty four short stories of Sheikh Ayaz are compiled by Dr Anwar ‘Figar’ Hakro in his book ‘Jey Tand Barabar Toryan’.
In this research paper we have analytically studied the element of ‘Setting’ in short story titled as “Khilni” written by Sheikh Ayaz.

موضوع جو تعارف:
مبارڪ علي شيخ، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ’شيخ اياز‘ (1997_1923ع) جي نالي سان مشھور آھي. شيخ اياز جو بنيادي تعارف شاعري ئي رھيو، پر اھا به حقيقت آھي ته شيخ اياز، سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ به پاڻ مڃايو. شيخ اياز بابت ھڪ ڀيري جمال ابڙي چيو ھو:
”جيتوڻيڪ مون کي موجوده دؤر جي ڪھاڻيءَ جو ابو سمجهيو يا سڏيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ اھو سھرو به شيخ اياز تي آھي.“ (1)
ڊاڪٽر انور فگار ھَڪڙي موجب:
”اياز جون ڪھاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آھن. اھي ڪھاڻيون ھڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيھر ڪونه ڇپيون. جو اھا مڃتا حاصل ڪري سگهن ھا يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ھا.“ (2)
شيخ اياز، پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪل 24 مختصر ڪھاڻيون لکيون. ھي اھو دؤر ھو جڏھن شيخ اياز ادب ڏانھن وکون وڌائي رھيو ھو. ھن جون ڪھاڻيون نه فقط جديد سنڌي ادب جو بنياد فراھم ڪن ٿيون، پر انهن جا ڪردار جيئرا جاڳندا ڀاسجن ٿا.
”شيخ اياز جي ڪھاڻين جو ڪتاب ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي ’جي تند برابر توريان‘ جي نالي سان سھيڙي ڇپرايو، جنھن ۾ شيخ اياز جون سڀئي ڪھاڻيون موجود آھن.“ (3)
شيخ اياز جون سڀئي مختصر ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون، جن تي الڳ نموني سان تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو. ھتي فقط سندس ھڪ مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ جي ھڪ بنيادي عنصر زمان و مڪان ’سيٽنگ‘ جو جائزو پيش ڪيو ويندو.
مختصر ڪھاڻيءَ جي خاصيت: افسانو جيتوڻيڪ فرضي ڳالهين تي ٻڌل ٿئي ٿو، پر اھو انساني زندگيءَ ۽ سماج مان ئي جنم وٺي ٿو. ان ڪري ڏسبو ته نه ان مان نه رڳو سماج ۽ تھذيبي قدرن جي عڪاسي ٿئي ٿي، بلڪ گذريل زماني جي ريتن رسمن، احساسن ۽ عادتن جي به واقفيت حاصل ٿئي ٿي. افساني ۾ بظاھر تخيل جون بلند پروازون مغالطه آميز بيان ھوندو آھي پر، پسمنظر ۾ ان جو رشتو حقيقت نگاريءَ ڳنڍيل رھي ٿو، ان ۾ وقت جون صداقتون سمايل ٿين ٿيون.
شيخ اياز جون مختصر ڪھاڻيون: شيخ اياز جي ادب ۾ سڃاڻپ ھڪ اعلى پائي جي شاعر جي آھي، ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ تخيل ۽ سوچ جا نوان زاويا ڏنا. شيخ اياز جتي شاعريءَ جي کيتر ۾ اتم نالو آھي، ساڳئي وقت ھن جون نثري لکڻيون به ڪمال جي حدن کي ڇھندي ملن ٿيون. نثر صنفن ۾ ھن جون مختصر ڪھاڻيون تمام اعلى پايي جون آھن، جن کي عالمي ادب سان مقابلي لاءِ پيش ڪري سگهجي ٿو. شيخ اياز لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ھن جي شاعريءَ جو مقام پنھنجي جاءِ تي تمام گهڻو اوچو آھي، پر جڏھن مختصر ڪھاڻيون پڙھجن ٿيون ته اياز اسان کي فقط ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار نظر اچي ٿو.
شيخ اياز جديد سنڌي ڪھاڻي جي بلڪل ابتدائي دؤر ۾ لکڻ شروع ڪيو. اھي مختصر ڪھاڻيون ايتريون ته سگهاريون آھن، جو اڄ به جڏھن پڙھجن ٿيون ته محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ شيخ اياز ھاڻي ئي لکيون آھن. ڊاڪٽر انور فگار ھَڪڙي، شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻين بابت لکيو ته:
”اياز جون ڪھاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آھن.اھي ڪھاڻيون ھڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيھر ڪونه ڇپيون. جو اھا مڃتا حاصل ڪري سگهن ھا يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ھا.“ (4)
شيخ اياز جي لکيل مختصر ڪھاڻين مان 24 ڪھاڻيون اسان وٽ موجود آھن.
شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ جو اختصار: ھن جي سادگيءَ ۾ چالاڪي ھئي، چالاڪيءَ ۾ سادگي. ڪڏھن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي ۽ پٺيان اچي اکين تي ھٿ ڏيندي. ڪڏھن اوچتو منھنجا وار ڊاھي چوندي؛ ’ڏس ته ڪيئن ٿي پيو آھين؟‘ ۽ پوءِ آرسي کڻي ھٿ ۾ ڏيندي. ڪڏھن مان پينسل رکي پاڻي پيئڻ اُٿندس ته پينسل جو گورو ڀڃي ڇڏيندي ۽ اڃا کڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته کل ۾ ويڙهجي ويندي.
ھڪ دفعي مون کيس جمهوريت جا اُصول ٿي سمجهايا. ’پر خدا ته اسان کي جمهوريت نه ٿو سيکاري.’ ھن سوچيندي چيو؛ ’خدا ته گهڻا ئي دوزخ ۾ وجهي ٿو ۽ ٿورا ئي جن ۾ مـُـلان مولوي، چريا کريا آهن تن کي بھشت ڏئي ٿو.‘ ھوءَ تقرير ڪرڻ لڳي، ’پر ٻيلي ھي بھشت دوزخ جو معاملو به عجيب آهي. مان ته سوچيندي منجهي پوندي آهيان. مئٽرڪ ۾ اسان کي ماستر ٻڌايو هو ته؛ صوفي چوندا آهن ته انساني روح ۾ خدا جو جزو آهي. جي ايئن آهي ته پوءِ ته دوزخ ۾ به صرف روح ٿو وڃي ۽ ان جي معنيٰ اها ٿي ته دوزخ ۾ پاڻ ٿو وڃي.” هوءَ کلڻ لڳي. مان سوچي رهيو هوس ته ھن کي اھي شرارتي خيال اچن ڇو ٿا؟ خدا مان به نه ٿي رهي!
هوءَ ايترو ته کلندي هئي جو سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا هئا ۽ پتو نه پوندو هو ته هوءَ کلي ٿي يا روئي ٿي! هن جي حياتيءَ ۾ لڙڪ ۽ مـُـرڪ گڏ گهوٽيل هئا. هوءَ ھر ڪنھن کي تنگ ڪندي ھئي پر ڪو ئي منجهائنس ڪڪ نه ٿيندو هو. مان ته ساڻس نفرت ان ڪري ڪندو ھوس جو مون کي ھن کان نفرت ھئي. مٺي مٺي نفرت، ڪؤڙي ڪوڙي محبت! دور رھي، دور رھڻ نه چاهيندو هوس. ويجهو رهي ويجهڙائيءَ مان ڪڪ ٿي ويندو هوس. مون کي ٻيون به سوٽيون ماساتيون هيون پر ڪا اهڙي عجيب و غريب نه هئي. ڪنھن کي ايتري مجال نه ٿيندي هئي جو مون سان کڻي کيچل ڪري. سڀ ڪتابي ڪيڙو سمجهي، منھنجي عزت به ڪنديون ھيون ۽ مون کان نفرت به ڪنديون هيون. پر هوءَ الاجي ڇو مون کي ڇيڙيندي هئي. مون ڪيئي ڀيرا خيال ڪيو هو ته وري سندس گهر نه ويندس. اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ گهر ۾ ويھندس ته ھوءَ ڪو ئي بھانو ٺاھي ماڻهو موڪليندي. مثلن چوائي موڪليندي ته؛ ’امان کي مٿي ۾ سور آهي دوا ته ڏي.‘ ۽ مان اڃا سور جي دوا کڻڻ ويندس ته نياپو ڏيندڙ گم ٿي ويندو ۽ لاچار مون کي ئي دوا کڻي سندس گهر وڃڻو پوندو. اڃا ويندس مس ته هوءَ کلندي چوندي؛ ’ڏس ڪيئن چالاڪي ڪري گهرايومانءِ پتو پيئه!‘ ۽ پوءِ نوڙيءَ تي ٽپڻ لڳندي.
هڪڙي ڏينھن مون کي سخت بخار ھيو، سو مون ڀيڻ کي چيو ته ’مٿي کي ٿورا زور ته ڏينم‘. ھن چيو ته، ’ٻه ڪلاڪ ساندھه ماساتنھن ويھي زور ڏنا اٿيئي، اڃا پيو زور زور ڪرين!‘ مون کي خبر نه هئي ته غشيءَ جي حالت ۾ هن مون کي زور ڏنا هئا. اهڙي طرح ڪيئي دفعا مون محسوس ڪيو هو ته هن جي مون سان همدردي هئي.
مون کي ڪڪو ڄائو ۽ هوءَ آئي ۽ وري ساڳيا لفظ چيائين؛ ’مٺائي کاراءِ‘۽ پوءِ ’ھل سڃا تون ڇا کارائيندين‘ چئي ٽھڪ ڏنائين. ھن ۾ اڃا به اها معصوم شرارت هئي، اڃا به زنده دلي ھئي، اڃا به کلي کلي ڳوڙها وهي ايندا هيس، پر…
ڪالهه هوءَ منھنجي ڪِڪي کي کيڏائي رھي ھئي. ھن جي منھنجي ڪڪي سان ڏاڍي دل ھئي. ڪِڪو بانبڙا پائي ٿورو گهمڻ سکي ويو ھو، سو ڪالهه جئن ھوءَ ڪڪي کي ڪـُـڏائي رھي ھئي. مان آفيس مان موٽيس. ڪڪي مون کي ڏسي ڪيو، ’با آ با آ‘ (بابا) مون ٻانھون ڊگهيڙيون ته کڻانس، پر ڪڪو ڪنڌ ڌوڻي هن جي ڇاتيءَ سان چھٽي پيو ۽ چيائين، ’ام مان (امان)‘ مون چرچي ۾ چيو؛ ’اڙي امان ته تنھنجي ماني پئي پچائي، ھيءَ اٿي پڦي!‘ پر ڪڪي ڄڻ منھنجي ڳالهه نه مڃي ۽ ھن جي ڇاتيءَ مان منھن ڪڍي، ڏانھس ڏسي، چيائين؛ ’امان.‘ اچانڪ مون ڏٺو ته ھن جو منھن ون ون ٿي ويو ۽ ڳوڙھا سندس اکين مان لھي ڳلن تي اچي ويا. مون تعجب ۾ پڇيو؛ ’ڇو، آهي ته خير؟‘ هن ڪڪي کي چميو ۽ سندس چولي ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي. مان حيرت ۾ ھوس. اڄ شايد پھريون ڀيرو ھو، جو ٽھڪ ۽ لڙڪ دوستي ڇني جدا ٿيا ھئا. زندگي کل جو سھارو نه وٺي سگهي هئي ۽ ڳوڙها قابو پائي ويا هئا. خوشيءَ غم کي چميون ڏئي، الوداع ڪئي هئي.
افسانوي ادب جو مکيه عنصر سيٽنگ يا زمان و مڪان: افسانوي ادب ۾ سيٽنگ مان مراد زمان ۽ مڪان ورتو ويندو آهي. هي هڪ ادبي عنصر آهي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي فني پهلوئن کي اجاگر ڪري ٿو. ان سان گڏ ڪھاڻيڪار کي افساني جي جوڙ جڪ ۾ گهڻي مدد ڪري ٿو.
”سيٽنگ، ڪھاڻيءَ جي پسمنظر کي سمجھڻ ۽ پڙھندڙ جي موڊ ٺاھڻ ۾ ڪارائتو عنصر آھي.“ (5)
ڪنھن به ڪھاڻيءَ کي لکڻ يا زباني ٻڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي آس پاس جو حالتون بيان ڪيون وڃن. ’سيٽنگ‘ ۾ جتي زمان و مڪان اچن ٿا، اتي سماج جو ثقافتي پھلو، تاريخي دؤر، جاگرافيائي حالتون. موسم ۽ ڏينھن جا حصا يعني رات يا ڏينھن يا ڏينھن جو ڪھڙو حصو آھي؟ واضح ڪيو ويندو آھي. زمان ۾ ٻولي، لباس، شين جا نالا به اهم جڳھه والارين ٿا. مڪان جي سب عنصرن ۾تعميرات اھم آھي.
ڪھاڻيءَ ۾ ’سيٽنگ‘ جو ڪردار، ان جي ڪرنگهي جي هڏي جيان آھي. ڪھاڻيءَ ۾ آيل ڪردار پاڻ ئي ’سيٽنگ‘ جي عنصر جي نمائندگي ڪندي ملندو آھي. مختصر ڪھاڻيءَ تي تحقيق ڪندڙ لاج ڊيوڊ، پنھنجي ڪتاب The Art of Fiction ۾ لکيو آھي ته:
“The setting of a short story is the time and place in which it happens. Authors often use descriptions of landscape, scenery, buildings, seasons or weather to provide a strong sense of setting.” (6)
ڪھاڻيءَ ۾ سيٽنگ ٽن صورتن ۾ ٿيندي آھي. پھرين فطري دنيا يا قدرتي منظر، ٻيون نمبر موسمي حالتون يا مندن جو ھجڻ، مثال طور سيارو، اونهارو وغيره. سيٽنگ ۾ ٽين صورت خانگي توڻي سرڪاري جاين جي هجڻ جو هوندو آهي. سيٽنگ ۾ قسم پڻ هوندا آهن. مثال طور: حقيقي دنيا، تصوراتي دنيا، افسانوي ڪائنات، دنيا، ملڪ، شھر، ڳوٺ يا گهر وغيره. جن مان پڻ ڪھاڻيءَ کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ سيٽنگ مان سادو مطلب ڪڏھن ۽ ڪٿي جو ھوندو آھي. ڪڏھن ۽ ڪٿي؟ اھي ٻه سوال آھن، جن جي پوئواري ڪندي ھڪ ليکڪ پلاٽ کي اڳتي وڌائيندو آھي.
o سيٽنگ جا ڪجهه مثال:
01. وقت: گهڻو وقت اڳ حاتم طائي نالي هڪ نوجوان رهندو هو.
02. جڳھه: حاتم طائي عرب ملڪ يمن جو رھواسي ھو.
حاتم طائي جڏھن پوڙھو ٿيو ته ھن ملڪيت گهٽجڻ بدران وڌي وئي. ڪھاڻيءَ جي ھي سٽ، مٿي ڄاڻايل سٽ جي پوئواري ڪندي، ڪھاڻي ۾ سيٽنگ جي اھم سب عنصر ’وقت يا زمان‘ کي واضح ڪري ٿي. ”حاتم طائي جوان ھو- حاتم طائي پوڙھو ٿي ويو.“ مطلب وچ ۾ 30 سالن کان مٿي جو عرصو گذري ويو. اھڙي ريت، ڪھاڻيءَ جي ھن سٽ:
حاتم طائي ھڪ ڀيري پاڙيسري ملڪ حجاز ڏانھن روانو ٿيو.
مان جڳھن جي خبر پوي ٿي. حاتم طائي يمن ملڪ جو رھواسي ھو. حاتم طائي، حجاز ڏانھن روانو ٿيو. مطلب يمن ھڪ الڳ ملڪ ھو ۽ حجاز الڳ ديس. ڪھاڻيءَ جي ھن سٽن مان سيٽنگ جي ٻئي اھم جز ’جڳھه يا مڪان‘ جي خبر پوي ٿي.
شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’زمان و مڪان‘ جو جائزو: شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ پنھنجي اندر نثري لکڻي جا سڀ عنصر سانڍيو ويٺي آھي. ڇاڪاڻ ته ھتي تحقيق جو دائرو فقط سيٽنگ يا زمان و مڪان تائين محدود آھي، ان ڪري مختصر ڪھاڻيءَ ۾ آيل انهن لفظن کي واضح انداز سان بيان ڪيو ويندو، جيئن تھ مٿي سيٽنگ بابت ڪافي چٽائي سان لکيو ويو آھي، جنھن لاءِ تحقيق جو چاھه رکندڙ بخوبي ان مسئلي کي سمجهي ويندا. هيٺ ترتيب سان پھرين ’زمان‘ پوءِ ’مڪان‘ کي ظاھر ڪندڙ جملا ۽ انهن ۾ لفظن کي هيٺان لڪير ڏئي واضح ڪيو ويو آھي.
مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ سيٽنگ کي ظاھر ڪندڙ جملا ۽ لفظ :
 ۽ پوءِ آرسي کڻي ھٿ ۾ ڏيندي.
 ڪڏھن پوتي پڳ ڪري ٻڌي ايندي
 ڪڏھن ٽاچڻي کڻي منھنجي ڪنڌ ۾ چڀائيندي
 منھنجي پاند ۾ وڌائين.
 چوٽيءَ کان ڇڪي
 ”اڙي، ڏسان ته گهڻا ڏينھن ٿو انهيءَ گوڙ ۾ پڙهي سگهين.“
 هڪڙي ڏينھن منھنجي ھٿ ۾ ڪئميرا ڏسي
 تو بي اي ۾ فلاسافي کنئي آھي
 خدا ته اسان کي جمهوريت نه ٿو سيکاري
 مـُـلان مولوي، چريا کريا آهن
 صوفي چوندا آهن
 ڳلن ۾ ڄڻ سفيد ۽ سرخ گلاب
 فائونٽين پين ۾ مس ڀري رکندس
 پوءِ نوڙيءَ تي ٽپڻ لڳندي
 تھه اونهاري ۾
 ڪنھن مھل ٿڌي جهلڪي تي
 جڏهن گڏجي ماني کائڻ ويھندا ھئاسين
 مٿي کي ٿورا زور ته ڏينم
 ڪڏهن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي
 اسان جو گهر ننڍڙو هو
 مان ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس
 هن ڇيڻو ڀت تي ڏسي چيو
 تن کي بھشت ڏئي ٿو
 مان آفيس مان موٽيس
مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ جي سيٽنگ جو تنقيدي جائزو:
 شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ مان مٿي سيٽنگ يا زمان و مڪان جي دائري ۾ ايندڙ ڪجهه نڪتا لکيا آهن، جن مان پڙهندڙ با آساني آندازو ڪري سگهن ٿا ته ڪھاڻيءَ جا ڪردار ڪھڙي ماحول، معاشري، حالتن ۽ دؤر ۾ رھن پيا. جيئن جڏھن لفظ ’آرسي‘ سامهون اچي ٿو ته ان سان گڏ هڪ پورو ماحول جڙي سامهون اچي ٿو، جنھن مان خبر پوي ٿي ته ھيءَ ڪھاڻي ان دؤر جي آھي، جڏھن انساني سماج ۾ جماليات پنھنجي عروج تي پھچي چڪي ھئي. ماڻهو ھار سينگار لاءِ درسنيون يا آئينا استعمال ڪندا ھئا. آرسي جيڪڏھن گهر جي ڀت ۾ لڳل آھي ته ان مان مڪان جو اندازو به ڪري سگهجي ٿو. هتي درسنيءَ کي زمان جي حصي ۾ ان ڪري رکيو ويو آهي ته ڪردار درسني هٿ ۾ کڻي ٿو/ کڻي ٿي. لفظ درسنيءَ جي پسمنظر ۾ گهر جو ماحول ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ اهڙو گهر آهي، جنھن جا ڀاتي درسني استعمال ڪندا آھن.
 شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ پينسل جو ذڪر ڪيو آھي. ’پينسل‘ لفظ ٻڌندي ئي سڄو ڌيان موجوده تعليمي نظام ڏانھن ھليو وڃي ٿو. پينسل جو استعمال لکڻ لاءِ ڪيو ويندو آھي ۽ پينسل انگريزن جي دؤر کان پوءِ اسان جي لکڻ لاءِ ميسر ٿي. پينسل سان گڏ سانچو، جنھن سان ھن جو گورو ڪڍيو وڃي ۽ رٻڙ جو ھجڻ لازم آھي. ڪھاڻيءَ ۾ پينسل جي گوري ڀڃڻ جو ذڪر پڻ موجود آھي. ھاڻي پڙھندڙ سولائي زمان جو اندازو ڪري سگهن ٿا.
 مختصر ڪھاڻيءَ ۾ ٻن لفظن ’پوتي ۽ پڳ‘ جو استعمال ڪيو ويو آھي. پوتي ۽ پڳ، اوڀر جي سماج جون خاصيتون آھن. پوتي عورتن جي باڪردار ۽ پڳ مرد جي شان واري جي علامت سمجهيو ويندو ھو. وقت سان گڏ حالتون تبديل ٿيون. مردن، پڳ مان ھٿ ڪڍيا، ھاڻي عورتون به پوتي مان جان ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿي رھيون آھن. ان کي جديد زمانو چئجي ٿو. انساني روين جي علم يا انٿرا پالاجي جي علم مطابق، اھي شيون ڪنھن به صورت خراب ناهن، پر ڇاڪاڻ ته سماج جو قدامت پرست طبقو، تبديلي کي تڪڙ ۾ قبول نه ڪندو آهي، ان لاءِ هو سدائين اهڙين ايجادن، شين ۽ ريتن رسمن جي مخالفت ڪندو رهيو آھي. پاڻ ھن ڪھاڻيءَ ۾ ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ فقط زمان و مڪان تائين محدود رھندي، ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪھاڻيءَ جو تعلق اوڀر جي سماج سان آھي، جنھن ۾ سنڌ کي خاص رتبو حاصل آھي ۽ ان سماج ۾ پوتي پڳ ڀلي نه به استعمال ڪيون وڃن پر انهن شين جو مان مرتبو اڃا سوڌو مٿاهون آهي.
o شيخ اياز جي مختصر ڪهاڻي ’کلڻي‘ ۾ ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي. ’ڪتاب‘ انساني معاشري ۾ هزارين سالن کان استعمال ۾ رهيا آهن، پر اها به حقيقت ته پراڻن وقتن ۾ ڪتابن تي ڪجهه خاص ماڻهن جي پھچ ھوندي ھئي. ھاڻي ائين ناھي رھيو. اڄ ھر گهر ۾ ڪتاب موجود هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪتابن جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي. ان ڪري ڪنھن خاص سال يا ڏھاڪي جي نشاندھي نه ٿي ڪري سگهجي، البت ڪتاب زمان ۽ ڪجهه قدر مڪان کي ظاھر ڪري ٿو.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ استعمال ٿيل لفظ ’ٽاچڻي‘ پيپر پن کي چيو ويندو آھي. پيپر پن يا ٽاچڻي، انگريزن کانپوءِ اسان جي دفتري استعمال ھيٺ آئي. لفظ ’ٽاچڻي‘ جتي ٻڌائي پيو ته ھيءَ ڪھاڻي، انگريزن جي دؤر يا ان کانپوءِ موجوده يا پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ جي آھي، يعني ھي لفظ زمان کي ظاھر ڪري پيو. ساڳي وقت ان ڳالهه تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ’ٽاچڻي‘ گهڻو ڪري آفيسن ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي، جيڪڏهن ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ٽاچڻي گهر ۾ پيل آهي ته اهو خاندان نه فقط پڙهيل لکيل پر خوشحال پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان دؤر ۾ مسڪين ۽ غريب ماڻهو، ڪاغذن کي جوڙڻ لاءِ ڪنڊي جو استعمال پڻ ڪندا رهيا آهن، هنن وٽ ٽاچڻي خريد ڪرڻ جي سگهه نه ھئي يا اھا شھرن ۾ ھجڻ ڪري ھنن جي پھچ کان پري ھئي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’پاند‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آھي. ان جڳھه تي پاند مان مطلب قميص جو دامن يا پلاند بيھي ٿو. مطلب ڪھاڻيءَ جي ھيرو کي قميص پاتل ھئي، يعني ھو سلوار ۽ قميص پڻ پائيندو ھو. سلوار قميص گهڻو ڪري سنڌي ماڻهو يا سنڌ ۾ رھندڙ استعمال ڪندا آھن. ھن لفظ جتي زمان جي خبر پوي ٿي اتي مڪان جو پتو پڻ پوي ٿو.
o ’کلڻي‘ ۾ ’چوٽي‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو پڻ زمان و مڪان جي باري ۾ وضاحت ڪري ٿو. دنيا جا ڪھڙا علائقا آھن، جتي عورتون چوٽيون ڪنديون آھن يا اھو ڪھڙو زمانو ھو جنھن ۾ عورتون چوٽيون ڪنديون ھيون.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ھي جملو ’اڙي، ڏسان ته گهڻا ڏينھن ٿو انهيءَ گوڙ ۾ پڙهي سگهين‘ مڪان طرف نشاندهي ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ جي ھيروئن، ھيرو کي ڪنھن اھڙي جڳھه بابت ٻڌائي رهي آهي، جتي گوڙ تمام گهڻو آھي ۽ اتي پڙھائي ضرور مشڪل ھوندي.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ لفظ ’مئٽرڪ‘ گهڻن مونجهارن جو سبب بڻجي رھيو آھي. ھڪ ته ’مئٽرڪ‘ جي تاريخ جاچبي ته ڪھاڻيءَ جي نسبت سان جنھن علائقي جو پسمنظر ٻڌايو ويو آھي، ڇا ان علائقي ۾ ڇوڪرين کي ’مئٽرڪ‘ تائين پڙهايو ويندو هو؟ جيڪڏهن جواب ’ھا‘ ۾ آھي ته ٻيو سوال ھي ٺھي ٿو ته ڇا اھو سماج يا اھو خاندان ايترو سڌريل ھو جو ڇوڪرين کي به مئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندو ھو؟ باقي گهٽ ۾ گهٽ لفظ ’مئٽرڪ‘ زمان جي چٽي نموني وضاحت ڪري ٿو ته اھو ڪھڙو دؤر ھوندو.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ھيرو جي ھٿ ۾ ’ڪئميرا‘ ڏيکاري وئي آھي. جيتوڻيڪ ڪئميرا جي ايجاد کي صديون گذري ويون آھن. انساني ذھن جي ھي ناياب ايجاد انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پھتي، پر اھا پڻ حقيقت ته عام ماڻهو ڪئميرا کي ڇھي به نه سگهندو هو. امير ماڻهو شوق سان ڪئميرا وٺندا هئا ۽ استعمال پڻ ڪندا ھئا. ڪھاڻيءَ ۾ ھيري جي ھٿ ۾ ڪئميرا مان ھڪ مراد ھي به آهي ته ڪھاڻيءَ جنھن خاندان کي نظر ۾ رکي سرجي وئي آھي اھو ايترو خوشحال ھو، جو ڪئميرا به استعمال ڪندو ھو، پر ھتي لفظ ’ڪئميرا‘ کي چٽو ڪرڻ مان مطلب زمان کي ظاھر ڪرڻ آھي ته جنھن وقت ۾ ھيءَ ڪھاڻي لکي وئي، ان وقت ڪئميرا جو استعمال ڪيو ويندو ھو.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ تعليم جي حوالي سان ’مئٽرڪ کان پوءِ بي اي‘ جا اصطلاح استعمال ڪيا ويا آھن، جيڪي تعليمي ڊگرين لاءِ ڪتب آندا ويندا آھن. مئٽرڪ جي معاملي کي درگذر ڪري اسان اڳتي وڌن ٿا ته ’بي اي‘ جو اصطلاح، ڪجهه وقت لاءِ بيھاري ڇڏي ٿو. ان جاءِ تي پھچي پڙھندڙ ضرور اھا ڳالهه سوچيندو ته سنڌ جو اھو ڪھڙو علائقو ھو يا آھي، جنھن ۾ بي اي ٿيندي آھي ۽ بي اي فلاسافيءَ ۾ پڻ ٿيڻ جي تعليمي سھولت موجود ھئي!؟ يونيورسٽيءَ سان گڏ بي اي جي سھولت ڪاليجن ۾ پڻ ھوندي آھي. جنھن لاءِ پڻ سوال ڪري سگهجي ٿو.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ جمهوريت جو سياسي اصطلاح استعمال ڪيو ويو آھي، ھن سياسي اصطلاح مان وقت جو تعين ڪري سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪھاڻي جي زمان بابت آگاھي ملي ٿي.
 مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’ملان مولوي، ماستر، صوفي‘ سماج جي مختلف ڪردارن بابت مڪالما ملن ٿا. مذھبي نسبت سان ’ملان مولوي ۽ صوفي‘ جا ڪردار تمام گهڻا پراڻا آھن، پر ’ماستر‘ ھاڻوڪو آھي. سنڌ ۾ انگريزن طرفان تعليم جي واڌاري لاءِ اسڪول کولڻ اتي استاد جي مقرري، جيڪو بعد ۾ ماستر به سڏيو ويو. ڪھاڻيءَ ۾ زمان جي معاملو ڪافي قدر واضح ٿيندو پيو وڃي ته ھي ڪھاڻي، انگريزن يا انهن جي دؤر کانپوءِ جي آھي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ڳاڙھن ۽ اڇن گلابن جو ذڪرڪيو ويو آھي. انهن لفظن تي غور ڪندي، بس ايترو ڏسڻو آھي ته سنڌ جي اھو ڪھڙو علائقو آھي جنھن ۾ سفيد ۽ سرخ گلاب ڦٽندا آھن، يا ڪردار پنھنجي معلومات جي آڌار تي گلاب جي انهن رنگن جو ذڪر ڪري ٿو. اھو پڻ ته ھي ھڪ نج ادبي اصطلاح آھي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ آيل ڪردار عام رواجي تعليم سان گڏ ادب پڻ پڙھيل آھي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’ڪتابي ڪيڙو‘ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آھي. ڪتابي ڪيڙو اسان جي سماج ۾ گهڻو پڙهندڙ کي چيو ويندو آهي. اهو اصطلاح ويجهي ماضيءَ ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. ھن اصطلاح مان نه صرف زمان جي باري ۾ پتو پيو ٿو، پر ان سان گڏ اهو پڻ ته ڪھاڻيءَ جو مرد ڪردار تمام گهڻو پڙھيو لکيو شخص آھي.
o مختصر ڪھاڻيءَ ۾ ’فائونٽين پين‘ جو ذڪر آھي. فائونٽين پين جي استعمال جا پيرا کڻجن ته آسانيءَ سان زمان جي خبر پئجي سگھي ٿي. ساڳي وقت فائونٽين پين مڪان جي باري ۾ پڻ معلومات فراهم ڪري ٿي ته دنيا جي ڪھڙن علائقن ۾ فائونٽين پين استعمال ٿيندي رھي آھي. فائونٽين پين جو اسان وٽ گهڻي کان گهڻو استعمال ويھين صديءَ ۾ رھيو. ھن پين ’انڪ يا مس واري پين‘ پڻ چيو ويندو ھو. ھن قسم جي پين جو اڄ به استعمال ڪيو وڃي ٿو پر نه ھئڻ جي برابر، ڇاڪاڻ تھ بال پوائنٽ ۽ پوائنٽر، استعمال ۾ ڪافي قدر آسان آھن. ھتي پينن جي قسمن جو بيان انهن جي افاديت ظاهر ڪرڻ نه پرڻ وقت ۽ جڳھه جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ آھي ته ڪھاڻي، ڪھڙي جڳھه ۽ ڪھڙي وقت سان تعلق رکي ٿي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ نوڙيءَ تي ٽپ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آھي. نوڙيءَ تي ڇوڪرين طرفان ٽپا ڏيڻ، سنڌ خاص ڪري ٻھراڙيءَ جي ڇوڪرين جي وندر رھي آھي، جيڪا اڄ به ڪنھن نه ڪنھن صورت جاري آھي. ھن جملي مان پڻ زماني جو پتو پوي ٿو ته ڪھڙن وقتن ۾ نوڙيءَ تي ٽپا ڏيڻ واري مشق يا راند کيڏي ويندي ھئي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’تھه اونهارو، ڏاڍي گرمي، ٿڏي جهلڪي‘ جا لفظ ۽ جملا موسمن بابت آگاهي ڏين ٿا. موسم جو تعلق جتي مڪان سان اتي زمان سان پڻ آھي. ڪھاڻيڪار، پنھنجي تخليق ۾ موسم جي سختي يا آسانيءَ جو ذڪر ڪري پڙھندڙ کي پگهر ڏياري سگهي ٿو ته ساڳي وقت هن کي سرديءَ جو احساس به ڏياري سگهي ٿو. ’تھه اونهاري‘ جو اصطلاح وري اسان کي سنڌ جي اتر پاسي جو ڏس ڏئي رهيو آهي، جتي اونهارو ۽ سيارو ٻئي شديد ٿين ٿا. هتي اونهارو، زمان کان وڌيڪ مڪان جو پتو ٻڌائي رهيو آهي.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’گڏجي ماني کائڻ ۽ مٿي کي زور‘ جتي زمان و مڪان کي ظاھر ڪري رھيا آھن اتي، ڪجهه سوال به پيدا ٿي رھيا آھن. مثال طور: سنڌ جو اھو ڪھڙو علائقو آھي، جتي جوان عورت ۽ مرد جيڪي رشتي ۾ ماسات آھن، گڏ ويھي ماني کائندا آھن؟ يا گرميءَ سبب ھمراھه کي غشي طاري ٿي وڃي ته ان جي جوان ماسات ساندھ ٻه ڪلاڪ ان کي مٿي تي زور ڏيندي ھجي؟ ھي ڪجهه معاملا مختصر ڪھاڻيءَ ۾ ڪافي جهول پيدا ڪري رھيا آھن.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ مڪان جي حوالي سان ھڪ جملي ’ ڪڏھن ٻار جيئن نچندي ٽپندي ايندي.‘ ۾ ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار ڇوڪريءَ جي ڳالهه ڪئي وئي آھي. ’نچڻ ٽپڻ ڪڏڻ‘ جا تصور ’گهر‘ يا رھڻ واري جاءِ جا آھن. ھي جملو مڪان کي واضح ڪري ٿو.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ مڪان جي حوالي سان ’گهر‘ جو لفظ ته تمام گهڻو واضح آھي، جنھن مان مڪان جي باري ۾ وضاحت ملي ٿي.
o ڪھاڻيءَ ۾ ’ڪوٺي‘ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آھي. ’ڪوٺو‘ گهر جي ھجڻ جو دليل آھي. ڪوٺا، گهرن يا جڳھن ۾ ئي ھوندا آھن.
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ڇيڻي ۽ ڀت جو ذڪر آھي. ھن جملي ۾ جتي مڪان جو نالو ’ڀِتِ‘ ملي ٿو، اتي ’ڇيڻو‘ زمان کي پڻ ظاھر ڪري. ’ڇيڻو ڀت تي ڏسي‘ جو جملو، جيتوڻيڪ سڌي ريت ڪھاڻيءَ ۾ عمل جي صورت ۾ شامل ناھي، البت ڪھاڻيءَ جو ڪردار فلسفين تي چٿر ڪندي اھا ڳالهه ڪري ٿو. هن جملي ۾ مڪان ۽ زمان، سيٽنگ جا ٻئي جز ظاهر ٿي رهيا آھن.
o بھشت جو تصور دنيا جي سڀني مذھبي معاشرن ۾ رھيو آھي. بھشت، بظاھر تھ ھڪ رھڻ جي جاءِ آھي، پر ھتي مڪان کان وڌيڪ زمان کي ظاھر ڪري ٿو. جيئن سوال ته: اھو ڪھڙو زمانو ھو، جنھن ۾ بھشت جو تصور ھو؟
o مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ ۾ ’آفيس‘ جو ذڪر آھي. آفيس ھڪ پاسي جتي زمان کي ظاھر ڪري اتي مڪان جي نشاندھي پڻ ڪري ٿو. آفيس، ھڪ مڪان جو نالو آھي.
نتيجو:
o مختصر ڪھاڻي، ھڪ نثري صنف آھي، جنھن ۾ زندگيءَ جي افسانوي انداز سان حقيقي عڪاسي ڪئي ويندي آھي.
o مختصر ڪھاڻيءَ ۾ سيٽنگ يا زمان و مڪان ان جو بنيادي ۽ ڪليدي عنصر آھي.
o مختصر ڪھاڻيءَ جي عنصر سيٽنگ ۾ جڳهه ۽ وقت اھم جز يا سب عنصر آھن.
o شيخ اياز جي مختصر ڪھاڻي ’کلڻي‘ سيٽنگ يا زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان ڪافي بھتر آھي، پر ڪي جهول نظر آيا، جن جو مختصر ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.





حوالا

1. ھڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر ’جي تند برابر توريان‘سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي 1998ع. ص 10.
2. ھڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر ’جي تند برابر توريان‘ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي1998ع. ص 09.
3. ڀٽي، ھوش محمد ’شيخ اياز ڪھاڻين جا ڪردار’ مقالو ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل(جون2018). حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. 2018ع.
4. (http://journal.sindhila.org/sindhi/article-52-characters-of-shaikh-ayaz%E2%80%99s-stories--a-critical-analysis-)
5. ھڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر ’جي تند برابر توريان‘سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي, 1998ع. ص 09.
6. Levin, Donna (1992), Get That Novel Started, Cincinnati, OH: Writer's Digest Books, ISBN 0-89879-517-6
7. Lodge, David (1992), The Art of Fiction, London: Martin, Secker & Warburg Ltd, ISBN 0-14-017492-3
1106 ڀيرا پڙهيو ويو